SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تيل جي قيمتن ۾ اوچتي واڌ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تيل جي قيمتن ۾ اوچتي واڌ

Oil Shocks

آئل شاڪس

دنيا ۾ تيل جي اوچتي ۽ تمام گهڻي قيمت وڌڻ جي ڪري هر شئي جي قميت تي سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح وڏو فرق پوي ٿو، جنهن ڪري ڪيترن هنڌن تي سياسي ۽ معاشي بُحران جنم وٺن ٿا. ويهين صديءَ ۾ پهريون دفعو تيل جي قيمتن ۾ اوچتي واڌ 74-1973ع ۾ ٿي، جڏهن ”آرگنائيزيشن آف پيٽروليم ايڪسپورٽنگ ڪمپنيز“ (OPEC) کُليل منڊيءَ ۾ تيل جي فراهمي ۾ گهٽتائي آندي. ٻيو دفعو 1979ع ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ايران ۾ اسلامي انقلاب آيو ۽ ايران توڙي ايراني نار جي ملڪن ۾ قائم تيل پيدا ڪندڙ پرڏيهي ڪمپنيون بند ڪيون ويون. ٽيون دفعو تيل جون قيمتون سعودي عربيه جي طرفان 1985ع ۾ وڌايون ويون . جيئن ته ان وقت سعودي عربيه ئي سڄي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ تيل فراهم ڪري رهيو هو ، تنهنڪري سعودي سرڪار ان هڪ هٽيءَ جو فائدو وٺڻ ٿي چاهيو. انهيءَ صورتحال مان گُذرندي، اولهه جي ملڪن تيل کي سياسي يا معاشي هٿيار بنائڻ واري عمل کان بچڻ خاطر تيل جي پيداوار ۾ عالمي سطح تي اضافي ۽ تيل جي متبادل توانائيءَ جي وسيلن کي ڳولڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ان سلسلي ۾ مُختلف ”گهڻ قومي ڪمپنين“ جي تعاون سان ”انٽرنيشنل انرجي ايجنسي“ (IEA) جو بنياد به رکيو ويو. جنهن جي ڪوششن ۽ پاليسين سان 1985ع کان تيل جي قيمتن ۾ هڪدم ۽ اوچتو ڪو وڏو اضافو نه آيو، پر اڳتي هلي 08-2007ع ۾ تيل جون قيمتون هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي منڊيءَ ۾ تمام گهڻيون وڌي ويون. جنهن سان سڄي دُنيا، خاص طور غريب مُلڪن جي معيشيت تمام گهڻي بحران ۾ اچي وئي، ڇاڪاڻ جو تيل جي لهندڙ چڙهندڙ قيمتن جو سندن سياست ۽ معاشيات سان ڪافي گهرو واسطو رهيو آهي. توانائيءَ جو اهم ذريعو هُجڻ سبب، تيل جي وسيلن کي حاصل ڪرڻ خاطر دُنيا جي ملڪن وچ ۾ وڏيون جنگيون به لڳيون آهن، ته بين الاقوامي سطح تي ڇڪتاڻ ۽ چٽاڀيٽيءَ جو ماحول به جُڙيو آهي. جيتوڻيڪ ٻئي طرف ماحول کي صاف سٿري رکڻ لاءِ جاکوڙيندڙ دُنيا جي عالمن، محققن ۽ ماهرن طرفان تيل ۽ اُن سان لاڳاپيل ٻين وکرن جو استعمال گهٽائڻ جون صلاحون ڏنيون آهن، پر اڃا تائين تيل ۽ ان جي اگهن جي مقرري، دنيا جي معيشيت ۽ سياست ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا.


Remember Me Also:

نرو ڌڻ

نِرو ڌَڻُ

مصدر. نپوڙڻ، نچوئڻ، نچوڙڻ، ڀيڙو ڏيڻ، زور ڏيئي چپڻ، چيڀاٽڻ، چِٿڻ، ڪشڻ،نچوڙي ڪڍڻ، مهٽو ڏيڻ، مروڙڻ، موڙڻ، ولوڙڻ، جهڳڻ، جهڳوڙڻ. (نِروڌِيو، نِروڌيندو، نروڌيل).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal